ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجن کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي تعاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي 22 هين مملڪتي سربراهن جي اجلاس ج?? موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. اپريل 2022ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جي صدر سان وزيراعظم شهباز شريف جي هي پهرين ملاقات آه??. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي ماحول ۾ خوشگوار ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي آجياڻي جملن ۾ چيني صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ”عمليت پسندي ۽ ڪارڪ??دگ?? رکندڙ شخصيت“ قرار ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم ”چين پ??ڪس??ان دوستي جي لاءِ پراڻو عزم“ رکندڙ اڳواڻ آه??. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ايندڙ 20 هين سي پي سي قومي ڪانگريس ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم پنهنجي گڏيل ويزن ۽ گڏيل قدرن کي علائقائي تعاون ۽ يڪجهتي جي ٺوس عملي منصوبن ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ بهترين فورم فراهم ڪيو. چين پ??ڪس??ان پائيدار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان جي هر موقعي تي آزمايل تذويراتي حصيداري آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرسپ ۽ مضبوط ڀائيچاري وقت جي ڪسوٽي جو مقابلو ڪيو. هن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ جي پنهنجي ذاتي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي فراخدلاڻي ۽ وقت سر مدد تي صدر شي جن پنگ، چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پ??ڪس??ان چين جي سمورن ڌرين پاران همدردي ۽ حمايت جي اظهار تي ٿورائتو آه??. ۽ اها اسان جي منفرد دوستي جي حقيقي عڪاسي آه??. هن صدر شي جن پنگ سان 5 سيپٽمبر 2022ع تي سيوچوان صوبي ۾ ايندڙ زلزلي سان ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان ۽ تباهي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام ان قدرتي آفت دوران چين سان گڏ بيٺل آه??. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي پ??ڪس??ان جي پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زرعي جدت ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پاليسين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پ??ڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي ترقي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن ايم ايل ون ريلوي پراجيڪٽ جي فريم ورڪ معاهدي جي پروٽوڪول تي صحيحن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم تائيوان، تبت، سنڪيانگ ۽ هانگ ڪانگ سميت بنيادي مفاد جي سمورن مسئلن تي پ??ڪس??ان جي چين سان مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. هن پ??ڪس??ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي، ايف اي ٽي ايف، قومي ترقي، ڪوويڊ 19 وبائي مرضن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي چيني حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجن کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي تعاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن صدر شي جي ويزنري پليٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو کي ساراهيو، جنهن پائيدار ۽ گڏيل ترقي جي منفرد پاليسي کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. وزيراعظم ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي روشني وڌي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن تازن دورن ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي نئين عزم کي ورجايو. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي پ??ڪس??ان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته پ??ڪس??اني عوام سندس شاندار استقبال جي منتظر آه??. دعوت کي قبول ڪندي صدر شي چيو ته هو جلد کان جلد وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جو منتظر آه??.
متعلقہ مضامین
-
400 human traffickers ‘involved’ in Greek boat tragedy arrested: Tarar
-
Islamabad ranked among top 100 safest cities worldwide
-
علاقائی لنک پیگی بینک آفیشل تفریحی لنک کا تعارف
-
Intra-party polls : PTI CEC resigns over differences with Imran Khan
-
NAB arrests Magsi over charges of irregularities, corruption
-
Terrified, handcuffed 10-year-old suspect presented before medical board
-
Qatar appreciates Pak Navys role in stabilising peace
-
گرین چلی پپر آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Dragon Legend Rasmi Download Website
-
پی جی سافٹ ویئر ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد
-
ٹی پی کارڈ گیم سرکاری ڈاؤنلوڈ گائیڈ اور تفصیل
-
الیکٹرانک پروب ایپ گیم پلیٹ فارم: مستقبل کی گیمنگ کا نیا دور