اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، بهترين ٽيڪنالاجي رکندڙ جاپا??ي ڪمپنيون ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، جاپا??ي ڪمپنين جي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي ??وڙ?? ڇڏي آهي، جاپاني واپارين ۽ پاڪستاني حڪومتي اهلڪارن جي تعاون سان هڪ هفتي جي دوران انهن مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپا??ي ڪمپنين ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي جاپاني سفير جي قيادت ۾ مل??قات دوران ڪيو. مل??قات ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته جاپان ۽ پاڪستان پراڻا دوست ملڪ آهن، جن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏين. جاپاني صنعتڪارن ۽ واپارين کي درپيش سمورن مسئلن تي گڏجي ضابطو آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، بهترين ٽيڪنالاجي رکندڙ جاپا??ي ڪمپنيون ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، جاپا??ي ڪمپنين جي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي ??وڙ?? ڇڏي آهي، جاپاني واپارين ۽ پاڪستاني حڪومت اهلڪارن جي تعاون سان هڪ هفتي دوران انهن مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو. مل??قات ۾ جاپاني وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست پاليسين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. جاپاني سفير وزيراعظم کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ 20 رڪني ناليوارين جاپا??ي ڪمپنين جي وفد جي پاڪستا?? اچڻ بابت آگ??هه ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. جاپاني وفد ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اضافي تي خاص ڌيان ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ ملڪي روانگي واپار وڌندو. وفد وزيراعظم کي آگ??هه ڪيو ته جاپا??ي ڪمپنين پاڪستان ۾ هاءِ برڊ گاڏين جي مقامي سطح تي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ان قدم کي خوش آئنده قرار ڏنو. مختلف ڪمپنين جي نمائندن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جاري پنهنجي سرگرمين بابت آگ??هه ڪيو ۽ اجلاس کي ٻڌايو ته جاپا??ي ڪمپنيون ويليو ايڊيشن کانپوءِ پاڪستان مان ٻين ملڪن ۾ پڻ برآمدات ڪري رهيون آهن.
متعلقہ مضامین
-
Islamabad IT park construction faces delays, october deadline in doubt
-
400 human traffickers ‘involved’ in Greek boat tragedy arrested: Tarar
-
Islamabad ranked among top 100 safest cities worldwide
-
علاقائی لنک پیگی بینک آفیشل تفریحی لنک کا تعارف
-
Intra-party polls : PTI CEC resigns over differences with Imran Khan
-
NAB arrests Magsi over charges of irregularities, corruption
-
Terrified, handcuffed 10-year-old suspect presented before medical board
-
Qatar appreciates Pak Navys role in stabilising peace
-
گرین چلی پپر آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Dragon Legend Rasmi Download Website
-
پی جی سافٹ ویئر ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد
-
ٹی پی کارڈ گیم سرکاری ڈاؤنلوڈ گائیڈ اور تفصیل