سوهاوه – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو اخلاقي قدرن جي زور تي قومن عروج حاصل ڪيو ۽ اخلاقي نظام تباهه ٿيڻ تي اهو معاشرو تباهه ٿيو، القادر ي??ني??رسٽي نوجوان نسل لاءِ رول ماڊل بڻجندي، اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۽ اقبال جي خواب جي حامل قيادت هتان کان نڪرندي، اولهه ۾ اسان کان وڌيڪ چڱايون آهن، اتي ادارا مضبوط آهن، انهن جا اخلاق بهتر آهن، اتي سچائي آهي پر خانداني نظام ۽ مذهب کان ??ور?? انهن جي تباهي جا سبب آهن،علم اسان کي انسان جي ڪردارسازي ۽ انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائيندو آهي، انهن جي پارليامينٽ ۾ ضمير وڪرو ڪرڻ جو تصور به نه آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان سيرت النبي ﷺ ۽ صوفي سڳورن جي تعليم جي فروغ جي ح??ال?? سان تعمير ٿيندڙ القادر ي??ني??رسٽي جي ??ور?? جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم القادر ي??ني??رسٽي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ ي??ني??رسٽي جي قيام ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به ساڻس گڏ هو. وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ جي ميمبرن، دانشورن ۽ اسلامي بئنڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي اهميت ملڪي ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. جهڙي طرح تازي سينيٽ اليڪشن ٿي ان ۾ قوم جي سامهون خريد ۽ وڪرو ٿيو ۽ مال پڙي لڳي، انصاف جي نظام به ان تي خاموشي اختيار ڪري رکي، ان لاءِ القادر ي??ني??رستٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جئين هڪ اهڙي درسگاهه موجود هجي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائي، انسان کي الله تعاليٰ اشرف ??لم??لوقات پيدا ڪيو ۽ فرشتن کي حڪم ڪيو ته ان جي سامهون سجده ڪري. هن چيو ته مولانا رومي چيو هو ته جڏهن الله انسان کي پک ڏنا آهن ته پوءِ ڇو ماڪوڙين وانگر هلن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، جانور ۽ انسان جي وچ ۾ سڃاڻپ صرف علم جي ڪري هوندي آهي، اسان جو دين انساني زندگي ۾ تبديلي کڻي اچي ٿو. هن مصر ۾ هڪ اسڪالر جو ح??ال?? ڏيندي چيو ته هو يورپ جي ??ور?? کان مصر واپس آيو ته ان چيو ته يورپ ۾ اسلام ته نظر آيو پر ڪو مسلمان نظر نه آيو جڏهن ان جي مقابلي ۾ مصر ۾ مسلمان ته ڪيترائي نظر اچن ٿا پر اسلام نظر نٿو اچي. وزيراعظم چيو ته القادر ي??ني??رسٽي جو مقصد دين کي اسان جي زندگين سان برابري پيدا ڪرڻ آهي، القادر ي??ني??رسٽي کي مصر جي الازهر ي??ني??رسٽي وانگر اعليٰ ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، نوجوان نسل لاءِ القادر ي??ني??رسٽي رول ماڊل بڻجندي.
متعلقہ مضامین
-
Why MoltyFoam is the Best Mattress in Pakistan for a Perfect Night’s Sleep
-
8 flights cancelled at Karachi Airport
-
CII chairman announces Sadqa-e-Fitr, Fidya rates for current year
-
29 chlorination centers being set up with Rs290m outlay
-
Govt says 98pc of pilgrims under government scheme issued Hajj visas
-
کاک ٹیل نائٹ آفیشل تفریح لنک
-
وائرڈ پانڈا انٹرٹینمنٹ کا سرکاری آغاز
-
Zardari, Khursheed discuss Panama ToRs in Dubai
-
Agreements exist for road trade with Central Asian states, China, India, Iran
-
Senate panel rejected introducing minimum quota for female judges
-
Met Office forecasts rain in different parts of country
-
Restoration of town committee status to village Sijawal Junejo demanded